حمر شيخ

حمر شيخ : شاهه عبدالطيف جو همعصر شيخ حمر ولد شيخ ابراهيم، لس ٻيلي جي ڪڙياڻي شيخن جي درويش گهراڻي، مان هو. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ‘سنڌ سينگار شاعري’ ۾ لکي ٿو ته، “لس ٻيلي جي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شاهه عبداللطيف جو ننڍو همعصر هو.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ حمر جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ‘ٻيلاين جا ٻول’ ۾ صفحي نمبر 273 ۽ 289 تي پڻ ڪيو آهي. شيخ حمر جي شاعري سينگار بيتن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار بابت نج سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت ملن ٿا. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي: ميم ملاقت سڄڻين، جيم ملاقت جن، ميم ملاقت سڄڻين، وحدت وائي تن، تن جا ڀرون ڀؤنر ورنا، امل اکڙين، گهڙي هٺِ حمر چئي مونکي طمع تن آءُ ته جوڳي سڄڻين، جتيءَ نه جوڙ سندن، نظر نماڻيءَ تي کلي مان کڻن، ماٽ مون سين ڪن، ڪا صلح جي سپرين شيخ حمر جو والد شيخ ابراهيم ۽ سندس پٽ شيخ ابراهيم پنهنجي وقت جا ناليوارا شاعر ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو